حبيب ميربحر

حبيب ميربحر: حبيب مير بحر پهرئين جوڙ جو مشهور ملهه پهلوان هو. هن 1896ع ڌاري ڳوٺ دادلوءِ، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد هو. هن ملهه جي تربيت ولي محمد سومري کان ورتي. حبيب مير بحر وڏي ڦڙتيءَ سان ملهه وڙهندو هو. هٿ پئجي وڃڻ کان پوءِ مخالف کي ڪيرائڻ ۾ دير نه ڪندو هو. جن به سندس ملهه ڏٺي، تن جو چوڻ آهي ته مڱڻهار دهل تي هڪ ڏونڪو هڻندو هو ته ٻئي ڏونڪي تائين مقابل ملهه کي دسي وجهندو هو. هي ٻين ملهن جيان ملهه ۾ نٽ نٽاءَ ۽ گوٿناٿ اصل نه ڪندو هو. هن پهلوان جا مقابلا پنهنجي دؤر جي جوڙ جي مشهور ملهن هادو ڪاسائي، وحدو چاچڙ ۽ هندو ٻانڀڻ سان ٿيا. هندو ٻانڀڻ به ان دور جو مشهور ملهه هو جنهن سان هي پنج گلي سکر ۾ وڙهيو، کيس پهرينءَ ملهه ۾ ئي ٻوڙي ڇڏيائين. ٻانڀڻ چيو ته جيئن هن پهلوان مون کي ملهه ماري آهي، تيئن اڄ تائين مون کي ڪنهن به نه دسيو آهي. هيءُ ملهه غربت ۽ سرپرستي نه هئڻ سبب تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڪڍي نه سگهيو. قد جو پورو ۽ بت ۾ ڀريل مڙس هو، کيس نرينو اولاد ڪو نه هو. صرف هڪ نياڻي هئس. بِههَ وڪڻي پنهنجو گذارو ڪندو هو. سندس وفات 1972ع ۾ جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪندي ٿي. اباڻي قبرستان ڪامل پير ۾ دفن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو